اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آئي??ڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آئي??ڪو حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ آئي??ڪو کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت سميت 305656 رپين جو ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن لڳائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آئي??ڪو سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئي??ڪو محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آئي??ڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئي??ڪو 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طري??يڪ??ر جي خلاف ورزي ڪئي، آئي??ڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن لڳائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آئي??ڪو شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس موڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آئي??ڪو صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس ن?? ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صدر آئي??ڪو جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.
صدر پاران آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو