اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي ۽ سمورن ??لڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن، جيئن 16 جنوري کان اڳ هئا، پاڪستان ايران پاران سمورن ??ثبت قدمن جي آجيان ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت نگران وفاقي ڪابينا کي 16 جنور?? 2024ع تي پاڪستان تي ايراني حملي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حملي جي تفصيلن سان گڏوگڏ پاڪستان جي ردعمل جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ فوج جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو جنهن پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي جو جواب ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ پوري حڪومتي مشينري متحد ٿي ڪم ڪيو. وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪندي نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي ۽ هو سمورن ??لڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻه ڀائر ملڪ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ تاريخي طور تي ڀائراڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن جن ۾ احترام ۽ محبت آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ته اهي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن جيئن 16 جنور?? 2024ع کان اڳ هئا. نگران وزيراع??م چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ايران پاران سمورن ??ثبت قدمن جي آجيان ڪندو.
پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي، سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج