اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪ??مت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سان گڏ ئي ان ??ي التوا جي حوالي سان ??مورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. نئين شروع ٿيندڙ ٽيليويزن چينل (ايڪ نيوز) کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اميدوارن پاران چونڊ مهم جاري آهي، چونڊن جي التوا جو ڪو ٺوس جواز به نه آهي، ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري آهي ۽ ان ڏينهن چونڊن جي التوا جي حوالي سان ??مورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. چونڊن کان ??ڳ يا پوءِ ڌانڌلي جي شڪايتن جي حوالي سان ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي مان ??بق سکندي پارليامينٽ کي قانوني، انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن بابت سمورين ڪوتاهين کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي ميڊيا سان گڏوگڏ مبصر به چونڊن جي ??انيٽرنگ ۽ ڪوريج ڪندا، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته جيتري حد تائين ممڪن ٿيو خطي جي ??عيارن موجب چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿينديون. هن چيو ته سياسي پارٽيون جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ڌانڌلي ۾ ملوث رهيون آهن ۽ فوت ٿيندڙن جا ووٽ به وڌا ويندا رهيا آهن. هن چيو ته ووٽنگ جو وقت 8 فيبروري تي صبح 9 وڳي کان ??ام 5 وڳي تائين هوندو ۽ هر هڪ کي سٺو ٽرن آئوٽ يقيني بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪرڻ گهرجي. قومي معيشت جي بهتري تي اهم ڌيان ??ي زور ڏيندي هن چيو ته بدقسمتي سان ??ڃا تائين ڪا سياسي پارٽي ملڪ جي ??عاشي صورتحال ۾ بهتري جي ڪا ايجنڊا سامهون ناهي کڻي آئي. هن چيو ته پارٽين جا سمورا چونڊ منشور جن ۾ نوڪريون، پناهگاهون، سستي بجلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا شامل آهن انهن جو سڌوسنئون تعلق مستحڪم معيشت سان ??هي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي روينيو جنريشن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي ??اءِ منصوبو تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ 91 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي تناسب جو مثال ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ??و ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب رڳو 9 سيڪڙو آهي، ٽيڪس ۾ اضافو حڪ??مت کي عوام آڏو جوابده به بڻائيندو. پنهنجي ??رڏيهي دورن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته عهدو سنڀالڻ کان فوري پوءِ هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اهو هڪ اهڙو فورم آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ بعد ۾ يورپ جو دورو ڪيو جتي هوائي جهاز ۾ ٻارڻ ڀرڻ جي ??اءِ رڪيس. هن چين ۾ بي آر آءِ فورم، اي سي او سمٽ ۽ ڪوپ 28 سيشن ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو جتي کيس عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻطرفن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جو موقعو مليو. هن وضاحت ڪئي ته نگران ??ڪ??مت کي روزاني جا معاملا بشمول پرڏيهي پاليسي جا معام??ا هلائڻ جي ??اءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. غيرقانوني، غيرملڪي شهرين جي ??طن واپسي بابت هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ??ڳو انهن ماڻهن کي ملڪ مان پنهنجي ??طن موڪليو آهي جن کي ڪا سڃاڻپ ۽ ڪو رڪارڊ نه هو ۽ اهڙن ماڻهن کي صحيح پاسپورٽ ۽ ويزا حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس اچڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا هڪ چئلينج آهي جنهن ماڻهن کي انهن جي تعليمي ۽ ذهني صلاحيتن کان هٽي ڪري بااختيار بڻايو آهي، هن سوشل ميڊيا جي ??ين اسٽريم ميڊيا وانگر ريگيوليشن جي حمايت ڪئي. هن چيو ته نگران ??ڪ??مت تي مينڊيٽ کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ تي تنقيد صحيح نه آهي ڇو ته ان ??ا سمورا قدم قانوني ۽ ڪابينا جي ??نظوري کانسواءِ قانون واري وزارت جي توثيق رکندڙ آهن.
حڪومت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سان گڏ ئي ان جي التوا جي حوالي سان سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق