اسلام آباد – 02 – في??روري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ا??ان کي هر فورم تي ڪشميري ڀينرن ڀائ??ن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو ۽ انهن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي دنيا آڏو آڻڻو پوندو ته جيئن دنيا کي خبر پئجي سگهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جا ماڻهو ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي ??ان منعقد ڊيجيٽل فوٽوگرافي اينڊ پينٽنگز نمائش ۾ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد وڌيڪ چيو ته 5 في??روري جي ڏينهن جي اهميت کان ا??ان سڀ ماڻهو واقف آهيون ۽ ا??ان کي گهرجي ته ان ڏينهن کي ڀرپور طريقي ??ان ملهايون ته جيئن دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته ڀارت جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ڪشمير جي ماڻهن کي ڪشمير مان بيدخل ڪيو وڃي ۽ اتي هندوئن کي آباد ڪيو وڃي ته جيئن جڏهن به ريفرنڊم ٿئي ته ان کي ان جا گهربل نتيجا ميسر هجن. هن چيو ته ا??ان کي ڪشمير ۾ هندو آبادڪاري جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن ڀارت پنهنجي انهن ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿئي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ثمينه فرزين شيخ چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿو ٿئي پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ا??ان جي دل ڪشميرين ??ان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ ا??ان هر سطح ۽ هر فورم تي انهن جي حق ۾ آواز اٿاريندا ر??نداسين. تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪشمير بابت تيار ڪيل ملي نغمو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي تيار ڪيل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ڪشميري عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغمو پيش ڪيو ۽ تقريرون پڻ ڪيون.
اسان کي هر فورم تي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔