اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ پنهنجو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي، اسان پارليامينٽ ۾ پنهنجي پارلياماني حيثيت سان وينداسين ۽ پنهنجو آواز بلند ڪنداسين، اسان اسيمبليون نه ڇڏي رهيا آهيون. جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مج??س عامله کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چي?? ته اسان پنهنجو مؤقف ڏئي رهيا آهيون، منهنجو بيان مرڪزي مج??س عامله جو بيان آهي. مولانا فضل الرحمان چي?? ته اسان ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد ۾ ناهيون. هن چي?? ته اسان جا خدشا آهن پر اسان اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي ته اسان اسيمبليون ڇڏي رهيا آهيون، اسيمبلين ۽ چونڊ نتيجن بابت اسان جو مؤقف واضح طور تي اچي ويو آهي ان تي ڪو ابهام ناهي. هن چي?? ته مرڪزي مج??س عامله جي يو آءِ جي مرڪزي مج??س عمومي کي سفارش ڪئي آهي ته اها جمعيت جي پارلياماني سياست جي باري ۾ فيصلو ڪري، ان سلسلي ۾ چئني صوبائي مج??س عمومي جا اجلاس صوبن جي مرڪزي هنڌن تي سڏايا ويندا ته جيئن مرڪزي مج??س عامله جي فيصلن جي باري ۾ صوبن کي به اعتماد ۾ وٺ?? سگهجي. هن چي?? ته اسان 22 فيبروريءَ تي اسلام آباد ۾، 25 فيبروري تي بلوچستان ۾ پنهنجي صوبائي جنرل ڪائونسل سان، 27 فيبروري تي اسان ڪي پي ڪي خاص طور تي فاٽا ۾ جنرل ڪائونسل سان، 3 مارچ تي اسان ڪراچي ۾ سنڌ صوبي جي جنرل ڪائونسل سان ۽ 5 مارچ تي لاهور ۾ پنجاب جي جنرل ڪائونسل سان ملاقاتون ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پي ٽي آءِ سان اسان جا اختلاف ڪنهن کان لِڪل ناهن پر ايوان ته سڀني جو هوندو آهي. هن چي?? ته جي يو آءِ هڪ نظرياتي قوت آهي، ملڪ جي داخلي نظام ۽ عالمي مسئلن تي ڪنهن مصلحت يا سمجهوتي جو شڪار نه ٿيندي ۽ وسيع مشاورت ڪئي ويندي، اسان افغانستان ۾ امارات اسلاميه جي استحڪام ۽ پاڪستان افغانستان جي پُرامن لاڳاپن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪيو آهي. جي يو آءِ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي خلاف فلسطينين جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي سينيٽر عبدالغفور حيدري، اڪرم خان دراني ۽ ٻيا به موجود هئا.
جميعت علماءِ اسلام پنهنجو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي، اسان اسيمبليون نه ڇڏي رهيا آهيون: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ