اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج دوران غيرجانبداري جو خيال رکيو، پي ٽي وي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو ٻين چينلز جي لاءِ رول ماڊل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ چونڊن جي مسلسل ڪوريج سان واڳيل ملازمن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته عام چونڊن جي ڏينهن رات مسلسل نشريات پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن شعبن جي اڻٿڪ محنت سان ممڪن ٿي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي پروفيشنلز غيرجانبداري جو خيال رکيو جيڪا شاندار ڪوريج جي پي??يواراڻي معيار ۽ اميدن تي پورو لهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته وڏي پئماني تي غيرمعمولي ڪوريج کي بهتر انداز ۾ پي?? ڪرڻ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي سميت سمورن ملازمن ۽ شعبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر تو??ير شاهه چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي ملازمن عام چونڊن دوران بهترين ڪار??رد??ي جو مظاهرو ڪيو. پرائيويٽ ميڊيا ۾ پڻ ان حوالي سان پي ٽي وي جي ڪار??رد??ي کي ساراهيو ويو. هن چيو ته هن تقريب جو مقصد ملازمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. واضح رهي ته ملڪي تاريخ جي 12 هين عام چونڊن جو مرحلو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، 12 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ووٽرز جي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ جي عمل کان وٺي نتيجن تائين سمورن مرحلن جي بنا رڪاوٽ ڪوريج ۽ لائيو رپورٽنگ کي پي ٽي وي بهتر طريقي سان نڀايو. ان حوالي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ مختلف پروفيشنلز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب جي آخر ۾ پاڪستان ٽيليويزن انتظاميا پاران اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مبشر تو??ير شاهه کي شيلڊز پي?? ڪيون ويون.
پاڪستان ٽيليويزن 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج دوران غيرجانبداري جو خيال رکيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر