اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، آٽو سيڪٽر پاڪستان ۾ مقامي سطح تي گاڏيون تيار ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آٽو ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرز جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽويوٽا پاڪ??ان علي اصغر جمالي، آٽو پارٽس صنعت جو نمائندو عامرالله والا شامل هئا. ملاقات ۾ صنعت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، و??پار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، و??يراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا اح??ان افضل، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. ان موقعي تي وفد حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آٽو سيڪٽر کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته آٽو سيڪٽر پاڪستان ۾ مقامي سطح تي گاڏين جي تياري ڪري، آٽو سيڪٽر پنهنجي مصنوعات جو هڪ خاطرخواهه حصو برآمد ڪري ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. آٽو سيڪٽر ڊيليشن جي پاليسي تي عملدرآمد ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آٽو پارٽس جي صنعت عالمي ويلي?? چين جو حصو بڻجي. حڪومت ملڪي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.
حڪومت ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی