اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپار ساليانو 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته برآمد ڪندڙن جا مسئلا ٻن هفتن ۾ حل ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي برآمدات ترقيات بورڊ (National Export Development Board) جي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، قيصر احمد شيخ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل آفيسرن ۽ وڏي انگ ۾ مختلف شعبن بشمول ٽيڪسٽائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ليدر، زراعت سان تعلق رکندڙ برآمد ڪندڙن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن برآمدي صنعت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي حڪومت پاران برآمدي صنعت جي فروغ جي ??اء?? کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان جو روانگي واپار 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو جنهن کي ٻيڻو ڪرڻ جي ??اء?? ??ين??ڙ 5 سالن جو منصوبو پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملڪي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر ساليانو تي پهچائڻ جو هدف ڏنو. وزيراعظم چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ??ين??ڙ ٽن سالن ۾ روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر جي هدف جي ??اء?? عملي قدم کڻن. الحمدالله گذريل مالي سال ملڪي روانگي واپار 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو، حڪومتي پاليسين جي ڪري انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار 3.2 ارب ڊالر کان وڌي ويو جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برآمد ڪندڙن جي نشاندهي ڪيل مسئلن کي ??ين??ڙ ٻن هفتن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هر ڏيڍ مهيني کانپوءِ قومي ترقي برآمدات بورڊ جي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. پاڪستان جي ترقي جي ??اء?? سڀني کي محنت ڪرڻي آهي. مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته واپار واري وزارت برآمدات جي صلاحيت رکندڙ شعبن جي نمائندن سان گڏجي پاليسي تجويزن کي حتمي شڪل ڏي، زرعي برآمدات ۾ وڌيڪ اضافي جي ??اء?? قومي غذائي تحفظ واري وزارت صوبن سان گڏجي ايڪسٽينشن سروسز جي بهتري جي ??اء?? ڪم ڪري. هن چيو ته معياري ٻج ۽ زرعي جنسن جي وڌيڪ پراسيسنگ ڪري ان جي برآمد يقيني بڻائي وڃي. زرعي جنسن جي وڌيڪ پيداوار واري قسمن کي متعارف ڪرائڻ جي ??اء?? قدمن کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برآمدات جي شپنگ جي حوالي سان مسئلن کي فوري حل ڪري يورپ ۽ آمريڪا پاڪستاني سامان جي پهچ جو وقت گهٽ ڪيو وڃي. واپار واري وزارت سيڙپڪاري بورڊ سان چيني برآمدي صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان تعاون يقيني بڻ??ئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني شين جي برآمدات ۾ اضافي ۽ ان جي منفرد سڃاڻپ ٺاهڻ جي ??اء?? ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، جدت ۽ برانڊ ڊيولپمينٽ تي ڪم ڪيو وڃي. ايف بي آر پاران برآمد ڪندڙن جي ريفنڊز ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ٽريڊ آفيسرز انهن ملڪن ۾ پاڪستاني شين جي برآمد ۽ پاڪستاني برآمد ڪندڙن جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي ??اء?? بجلي جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي ??اء?? بجلي واري وزارت هڪ جامع منصوبو پيش ڪري. سڄي دنيا ۾ نجي شعبو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. نجي شعبي جي مسئلن جي حل ??اء?? انهن کي پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل جو حصو بڻايو وڃي. برآمدي صنعتن جي نمائندن وزيراعظم کي مسئلن جي حل جي ??اء?? تسلسل سان ملاقاتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته وزيراعظم جي برآمدي شعبي ۾ خصوصي دلچسپي صنعتڪارن جي ??اء?? حوصلي جوڳي آهي. برآمد ڪندڙن وزيراعظم جي برآمدي صنعت کي ايف بي آر پاران وقت سر ريفنڊز جي فراهمي جي قدمن کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران ملڪي روانگي واپار ساليانو 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف، برآمد ڪندڙن جا مسئلا ٻن هفتن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ