گڏ??ل قومون-07 فيبروري (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس چيو آهي ته دنيا عالمي جنگ طرف وڌي رهي آه?? ۽ ??هيو سڀ اڻ ڄاڻي ۾ ناهي ٿيو پر عالمي برادري کليل اکن سان ۽ تيزي سان ان جنگ طرف وڌي رهي آهي . روسي خابرو اداري مطابق گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي سان پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته دنيا هڪ وسيع ترين جنهن طرف وڌي رهي آه?? ۽ ??من جا امڪان گهٽ ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ رتو ڇاڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن . هن وڌيڪ چيو ته سياسي فيصلا ڪندڙن ۾ پري جي سوچ ۽ سمجهه جي گهٽتائي ۽انهن طرفان صحيح فيصلا ڪرڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون آهن . عارضي مفاد حاصل ڪرڻ جي سوچ نه رڳو انتهائي غير ذميواراڻي پر غير اخلاقي آهي . سياستدان ۽ ڪاروباري ماڻهن جو ڌيان رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ڪاروباري مفادن حاصل ڪرڻ آهي . ٻي پاسي گڏ??ل قومن جي اصو??ن تي ٻڌل نظام ۽ عالمي قانون کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي موجوده افسوس ناڪ صورتحال اسان جي سامهون آهي . جيڪڏهن هر ملڪ گڏ??ل قومن جي چارٽر مطابق پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ته انهي صورت ۾ ئي امن سان زندگي گذارڻ جي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي . هن گڏ??ل قومن جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عالمي اداري جي منشور تي عمل ڪرڻ جو ٻيهر عهد ڪندي امن لاءِ پنهنجي نقطه نظر کي تبديل ڪن ۽ انساني حقن ۽ وقار کي پهرين ترجيج ڏين . هن چيو ته هاڻي سمورن عالمي اڳواڻن کي اکيون کولي ۽ ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي .
دنيا عالمي جنگ طرف وڌي رهي آهي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا