جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سوڊان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته سندس ملڪ سوڊان واسين سان گڏ بيٺل آهي، هن جده ڳالهين لاءِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٽيا??ڙي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چي?? ته ??حر??ن جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذريعي سوڊان بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چي?? ته سوڊان جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري مدد جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چي?? ته سوڊان غير معمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀري?? ته اهي اڳيان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مضبوط عالمي حمايت بنا سوڊان تيزي سان لاقانونيت جو ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سان سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چي?? ته دارفور ۽ خرطوم جي صورتحال تباهه ڪندڙ آهي، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چي?? ته ٻن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ اهي سوڊان جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پ??اه?? لاءِ مجبور آهن. 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ ه?? ته ان تڪرار جي شروع ٿيڻ کان اڳ سوڊان اڳ ئي انساني ??حر??ن جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تباهي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سان ملڪ جي اڌ آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چي?? ته صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ??حر??ن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذريعي سويلين حڪمراني جي بحالي آهي. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ پناهگيرن جي ادارن سان گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يونين ۽ يورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آهي.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت