اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحول دوست معيشت کي هٿي ??يڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گرين معيشتن کي هٿي ??يڻ سان ملازمتن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو م??صد ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول دوست ملازمتن ?? عورتن جي نمائندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ??ي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ گرين ملازمتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ اجرت ملي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيم (سائ??س، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ?? عورتن جي شرڪت ۾ واڌ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ??يڻ سان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ تعليم ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. رپورٽ مطابق انهن ملڪن ۾ جتي عورتن کي برابريءَ جا موقعا ڏنا پيا وڃن اتي ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر وڌيڪ اثرائتو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سمورن ملڪن سان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي هٿي ??ئي ماحول دوست معيشت جي ترقي ۾ مدد لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.
ماحول دوست معيشت کي هٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی