اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت تيل ۽ گئس جي ڳولا، ريفائنرين، تيل ۽ گئس ذخيرو ڪرڻ، پائيپ لائينن جي تعمير، ايل پي جي ۽ ايل اين جي جي شعبن ۾ پاليسي سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويندا، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ مختل?? ادارن کان منظوري وٺڻ جو عمل 24 کاتن کان گهٽ ڪري 14 کاتن تائين ڪيو ويو آهي. روڊ ميپ جو اعلان وزيراعظم جي پيٽروليم و??ري خصوصي معاون نديم بابر وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ ۽ بجلي ۽ پيٽروليم و??ري وفاقي وزير عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ