سيالڪوٽ – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان مان پهريون ڀيرو مسلمان امت کي عمران خان جي صورت ۾ ليڊرشپ ملي آهي، پوري مسلمان امت اڄ ان طرف ڏسي رهي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته فلسطين جي مسئلي جي حل تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين، آزادي مارچ وارن کي وزيراعظم جا هٿ چمڻ گهرجن، 2023ع تائين کربين رپين جا قرض ايس ايم ايز ذريعي مستحق ماڻ??ن کي ڏنا ويندا، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرضن ??ي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، ملڪ جي 52 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ان??ن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ح??ومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر قائداعظم جو اهو سپاهي آهي جيڪو قائد جي خوابن جي تعبير لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان لکي ڊالر پگهار ڇڏي پنهن??ي ڌرتي ج?? خدمت ڪرڻ پاڪستان آيو آهي.
پهريون ڀيرو مسلمان امت کي عمران خان جي صورت ۾ قيادت ملي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس