گڏيل قومون- 19 مئي (اي پي پي)پاڪستان آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ متاثرن کي فوري خطرن کان بچائڻ لاءِ تيز رفتاري سان ريسڪيو ۽ رليف جون ڪارروايون ڪيون. اي?? ڊي اي?? اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي ??ن ڏينهن واري اجلاس ک?? ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت وڏن مالي چئلينجن باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي فوري خطرن مان ڪڍڻ ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ڀرپور عزم جو مظاهرو ڪيو. اي?? ڊي اي?? اي چيئرمين سينڊائي فريم ورڪ فار ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن 30 – 2015ع تي نظرثاني لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ک?? ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ 17 سئو فوتگين سان گڏوگڏ ملڪ جو چوٿون حصو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب ٿيل نقصان 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، اهڙي طرح پاڪستان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??نهنجي ??نصوبن کي عملي جامو پارائڻ ۾ هڪ مشڪل چئلينج درپيش آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي ??وج، خاص طور تي فوج جي ??يادت ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪاررواين سان بحالي جي شروعاتي مرحلي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي، جنهن جي ??تيجي ۾ نقصانن ۽ اثرن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو. هن ان موقعي تي گلوبل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فنڊ جي ??يام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ان حوالي سان علائقائي سطح تي ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن جي ضرورتن کي ماحولياتي مالي مدد کان ڌار ڪري سگهجي. هن نمائندن ک?? ٻڌايو ته پاڪستان زلزلي سبب متاثر ترڪي ۽ شام جي ??اءِ مدد جو هٿ وڌايو ۽ 10 هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان فضائي، زميني ۽ سامونڊي رستن ذريعي روانو ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان آفتن جي خطرن ۾ گهٽتا??ي آڻڻ لاءِ سينڊائي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ان موقعي تي گڏيل معلومات ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ جو مطالبو پڻ ڪيو ته جيئن ڪمزور ملڪن کي وقت کان اڳ وارننگ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران جنرل اسيمبلي کي خطاب، گذريل سال جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک