مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي اسلا??ي معاملن واري وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ چيو آهي ته حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ڪنهن به اهلڪار سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. سعودي اخبار موجب هن ??نيٰ، مزدلفه ۽ عرفات جي دوري جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ته حج سيزن دوران سمورن اهلڪارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ نگران ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جيڪي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي آهن ۽ آخري حاجي جي روانگي تائين نگراني جاري رکي ويندي. هن ??نهنجي دوري جي ش??وعات عرفات جي مسجد نمره، اتان کان وزارت جي صدر آفيس ۽ دعوڪيبنز کان ڪيو، هن ??زدلفه ۾ مسجد المشعر الحرام جا ??نتظام ڏٺا، هن ??نيٰ ۾ مسجد الخيف جو به دورو ڪيو. هن چيو ته مڪي ش??يف ۾ اصلاح ۽ مرمت جو ڪم 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. اسلا??ي معاملن واري وزير چيو ته اسان جي وزارت حاجين کي انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ دين ۽ حج معاملن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيڻي تعداد ۾ مبلغ ۽ ترجمو ڪندڙ مقرر ڪيا آهن جنهن ۾ عورتون به شامل آهن. وزارت ٽيليفون ذريعي 32 ملين آگاهي پروگرامن جي به منظوري ڏني جڏهن ته ايس ايم ايس ذريعي به دعوتي پيغام ڏنا پيا وڃن.
حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: اسلامي معاملن وارو وزير
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ