والاريل بيت المقدس -04 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي 1948ع کان قبضي هيٺ آيل عرب علائقن ۾ مسجد جي امام کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اسرائيل ۾ عرب عوام لاءِ سپ??يم فالو اپ ڪميٽي ۽ مقامي اٿارٽيز جي سربراهن جي ??ومي ڪميٽي اڄ عام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مسجد جي امام شيخ سميع المصري جي قتل خلاف هڙتال جو فيصلو گذريل ڏينهن ڪفر قره ميونسپلٽي جي ??يڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو. اجلاس م ٻڌايو ويو ته جمعي ۽ ڇنڇر جي دوران 24 ڪلاڪن دوران 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. اجلاس ۾ فالو اپ ڪميٽي جي ??يمبرن چ??ئر??ين محمد براڪا، عرب مقامي اٿارٽيز جي سربراهن لاءِ قومي ڪميٽي جي سربراهه وڪيل مدثر يونس، ڪفر قره جي ??يئر فراس بدي سمورين سياسي پارٽين، مسجدن ج?? امام ۽ مقبول ڪميٽين ج?? اڳواڻن شرڪت ڪئي. فالو اپ ڪميٽي جي سربراهه مسجد جي امام شيخ سميع المصري جي ??ارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏوهن ج?? دائري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ اسرائل آمراڻين سازشن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. هن عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي اسرائيل جي حڪومت ۽ ان ج?? ايجنسين خلاف قدم کڻن.
اسرائيل جي قبضي هيٺ آيل عرب آبادي ۾ مسجد جي امام جي قتل خلاف فلسطينين طرفان (اڄ) هڙتال جو اعلان
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا