گڏيل قومون -07 نومبر (اي پي پي) اسرائيل فلسطين تڪرار ک?? حل ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 9 نومبر تي ٿيندو. روس جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ گڏيل عرب امارات جي مستقل نمائندي ۽ سفير چيو آهي، ته هن اجلاس ۾ (جنهن جي صدارت چين ڪري رهيو آهي) سلا??تي ڪائونسل جا سمورا 15 م??مب?? وچ اوڀر جي تڪرار ج?? حل جي دستاويزن تي مشاورت ۾ حصو وٺندا جن کي تنظيم جي 10 غير مستقل م??مب?? ملڪن تجويز ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل مهيني گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل فلسطين اسرائيل تڪرار تي ٺهراءَ جي 4 مسودن مان ڪنهن کي به منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي 10 غير مستقل م??مب??ن پنهنجي دستاويز جو مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻن ٺهرائن جي مسودن جي شقن کي شامل ڪرڻ جي اميد آهي. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري حماس اسرائيل جن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏي اڪثريت معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي.
اسرائيل فلسطين تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر