گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) گڏ??ل قومن خوراڪ جي زيان کي عالمي الميو قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ 78 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪار رهيا جڏهن ته روزاني هڪ ارب ماڻهن جي ضرورت لاءِ ڪافي خوراڪ ضايع ڪئي وئي. الجزيره م??جب گڏ??ل قومن طرفان جاري ڪيل فوڊ ويسٽ انڊيڪس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع دوران خاندانن ۽ ڪمپنين 10 کرب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو کاڌو اڇلي ڇڏيو جڏهن ته تقريبن 78 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪار رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2022ع ۾ هڪ ارب ٽن کان وڌيڪ خوراڪ يا مارڪيٽ ۾ د??تياب مصن??عا?? جو تقريبن 5 حصو ضايع ڪيو ويو. خوراڪ جو وڌيڪ زيان گهرن ۾ ڪيو ويو.گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر انگر اينڊرسن چيو ته خوراڪ جو زيان هڪ عالمي الميو آهي. رپورٽ ۾ اشارو ڪيو ويو ته خوراڪ جو هي زيان نه رڳو اخلاقي ناڪامي آهي پر ماحولياتي ناڪامي پڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ