بيونس آئرس-17 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي گلوڪار ۽ ناليوارو بينڊ ون ڊائريڪشن جو ا??وڻو ميمبر 31 سالن جو ليام پيني ارجنٽائن جي گادي واري شهر بيونس آئرس ۾ هوٽل جي ٽئين منزل تان ڪري فوت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ليام پيني جو لاش ان وقت مليو جڏهن ايمرجنسي سروس کي هوٽل ويجهو هيلپ لائين تان ڪال آئي. بيونس آئرس پوليس موجب ايمرجنسي ڪال کانپوءِ جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته گلوڪار جو لاش پيل هو، پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايمرجنسي ميڊيڪل سروس موجب ليام پين?? کي تمام گهڻا ڌڪ لڳل آهن، سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. برطانيه جي پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي ته ارجنٽائن سان برطانوي گلوڪار جي فوتگي جي حوالي سان رابطي ۾ آهيون.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil