اسلام آبا?? – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مسيحي برادري کي ڪرسمس تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته حب الوطني سان سرشار مسيحي برادري جو پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۾ ڪردار بر??رار رهندو ۽ ان ۾ وڌيڪ تيزي ايندي، ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي سمورن مسيحي ڀائرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ڪرسمس جو بنيادي روح اهو آهي ته خوشين کي ونڊڻ ۽ سموري انسانيت سان پيار ڪيو وڃي. ڪرسمس جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته يسوع مسيح سمور?? انسانن کي نيڪ ۽ پاڪ صاف زندگي گذارڻ ۾ رهنمائي ??هيا ڪئي ۽ ان تي زور ڏنو ته اهي خدا کان رحمت جا طلبگار ٿين.
مضمون کا ماخذ : کڑک