هرات – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد ??اقان عباسي چيو آه?? ته تاپي گئس منصوبي سان خطي جي ڪروڙين عوام جي اقتصادي ۽ سماجي حالت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، خطي ۾ امن جي فروغ ۾ به ان جو هڪ ڪردار هوندو، تاپي پائيپ لائين منصوبو ۽ ان سان ڳنڍيل ٻين منصوبن جي ڪري ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کان وڌيڪ ڪير به افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي جو علمبردار آه??. اولهندي افغانستان جي تاريخي شهر هرات ۾ پاڪستان، ترڪمانستان، افغانستان، ڀارت گئس پائيپ لائين منصوبي (تاپي) تحت بجلي، آپٽڪ فائبر ۽ ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد ??اقان عباسي چيو ته اڄ جي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز ڳالهه آه??.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس