اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاليسين ۾ تسلسل جي ذريعي قومي آمدني ۽ ترقي جي رفتار ?? وڌيڪ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي صنعتي ۽ وا??اري برادري سميت سمورن طبقن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، گذريل ڪجهه سالن دوران قومي پيداوار ۾ شاندار اضافو ٿيو آهي جنهن سان معيشت بهتر ٿي. هن اها ڳالهه راولپنڊي چيمبرز آف ??امرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن چيمبر جي صدر زاهد لطيف خان جي قي??دت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايوان صدر ۽ وا??ار واري وزارت جا اعليٰ عملدار موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش