اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ حڪومت هوندي، اسان کي ڪچي آبادين جي بدران قبضا گروپن تي هٿ وجهڻو آهي، وزيراعظم ه??ئو?? سميت 15 سرڪاري جائيدادن کي سرڪاري طور تي استعمال نه ڪرڻ سان ساليانو 1100 ڪروڙ روپين جي بچت ٿيندي، مري ۽ نٿياگلي جي گورنر ه??ئو??ز کي بهترين هوٽلن ۾ تبديل ڪيو ويندو، وزيراعظم ه??ئو?? ۾ اعليٰ معيار جي يونيورسٽي بڻجندي، صرف ڪراچي جي ريلوي جي ايراضي تي قبضو ختم ڪرائي ان کي وڪرو ڪيو ??ڃي ته ان مان ريلوي جو خسارو ختم ٿي سگهي ٿو، ريلوي جي شعبي ۾ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين، نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس، هو وزيراعظم ه??ئو?? ۾ راولپنڊي ايڪسپريس ۽ ميانو??لي ريل ڪار جي افتتاح کانپوءِ خطاب ڪري رهيو، تقريب کي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد به خطاب ڪيو.
اسان جي حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ حڪومت هوندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável