واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه جنجوعه کي رياست نيوجرسي جي ٽائون شپ مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون ??هن.فوزيه جنجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي جيڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پ??يس رلي?? موجب پاڪستاني سفير فوزيه جنجوعه سان ورچوئل ملاقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پوري پ??ڪستان لاءِ فخر آهي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اوهان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل جي حيثيت رکو ٿا. پاڪستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمريڪي سياست ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي وڌ??دڙ ڪردار تي روشني وڌ??، هن چيو ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي، آمريڪا جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظرنامي ۾ تمام وڏو حصو وجهي رهيا آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمريڪي سياسي قيادت ۾ وڌ??دڙ تنوع ۽ آمريڪي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌ??دڙ انضمام جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ميئر فوزيه جنجوعه کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي تڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پاڪستان جو دورو ڪري ۽ کين پاڪستاني هم منصبن سان جوڙين.اوهان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود ??هن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه جنجوعه اردو ۾ پاڪستاني ڊرامن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پ??ڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جيڪي ملڪ جي ثقافت جو تجربو ڪرڻ جو منتظر ??هن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں