واشنگٽن-31 مئي (اي پي پي) آمريڪي ر??است مي??يسوٽا جي شهر منياپولس ۾ فائرنگ سبب پوليس ??فيسر ۽ شڪي ماڻهو سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شنهوا موجب منيا پولس جي ميئر جيڪب فري هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي ته فائرنگ ۾ پوليس ??فيسر جمال مچل فوت ٿي ويو آهي، منيا پولس پوليس ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ چيف چيو ته فائرنگ گذريل شام جو ان وقت ٿي جڏهن پوليس ??فيسر بليسڊيل ايوينيو جي 2200 بلاڪ تي ٻطرفي فائرنگ جي اطلاع تي موقعي تي پهتي ۽ شڪي ماڻهو سان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن مان هڪ اهلڪار جمال مچل اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته شڪي شخص موقعي تي مارجي ويو، فائرنگ جي دوران هڪ شهري فوت ۽ 2 شهري ۽ فائر فائٽر زخمي ٿيا. رياست مي??يسوٽا جي گورنر ٽم والز ايڪس تي چيو ته اسان جي ر??است ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪا: منياپولس ۾ فائرنگ سبب پوليس آفيسر ۽ شڪي ماڻهو سميت 3 ڄڻا فوت، 3 زخمي
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ