ٽوڪيو-9 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي ??ولھندي شھر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا آهن. شنھوا مطابق ناگاساڪي جي ميئر شيروسوزوڪي سالياني تقريب دوران ايٽمي ھٿيارن جي ??اتمي جو مطالبو ڪندي امن جو اعلان ڪيو آھي. تقريب دوران مقامي وقت مطابق صبح جو 11 لڳي 2 منٽن تي ھڪ لمحي جي ??اموشي اختيار ڪئي وئي ڇو جو ھي اھو وقت ھو جيڪو 9 آگسٽ 194 ع تي آمريڪي بي 29- بمبار جھاز پلوٽونيم ڪور ايٽم بم ڪيرايو ھو. جنھن کي فيٽ مين جو نالو ڏنو ويو ھو جنھن ۾ لڳ ڀڳ 74 ھزار ماڻھو فوت ٿي ويا ھوا. ناساگاڪي جي ميئر شيروسوزوڪي چيو آھي ته اسان ڳالھين ۽ سفارتي ڪوششن تي زور ڀريون ٿا .ھن چيو ته رست?? ڪيترو ئي مشڪل ڇو نه ھجي، ھٿيارن جي پکيڙ ۽ طاقت جي ??ور بجائي ان جو پر امن حل جي ??رف رستو ڳولهجي. ھن مطالب?? ڪيو ته جاپان جي ??ڪومت گڏيل قومن جي ??يٽمي ھٿيارن تي پابندي جي معاھدي تي صحيحيون ڪري ۽ ان جي ??وثيق ڪري. ھن جاپان کان مطالب?? ڪيو ته ھو اتر اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ ھٿيارن جي گهٽائڻ واري عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڳالھين جي قيادت ڪري. ناگاساڪي پيس پارڪ ۾ ٿيل تقريب ۾ لڳ ڀڳ 2،300 ??ڻن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 100 ملڪن جا نمائندا ??ڻ شامل ھئا.
جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : گرم گرم