اوٽاوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چي?? آهي ته ڀارت ملڪ جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪري هڪ خوفناڪ غلطي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته ڪينيڊا جي وزيراعظم پرڏيهي دخل اندازي جي معاملي تي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن آڏو گواهي ۾ چي?? آهي ته ڀارتي حڪومت اهو سوچي خوفناڪ غلطي ڪئي آهي ته هن ڪنهن خومختيار ملڪ جي معاملن ۾ ا?? حد تائين جارحاڻي دخل اندازي ڪري سگهي ٿو جيئن هنن ڪينيڊا جي تحفظ ۽ خودمختياري ۾ ڪئي. اسان کي ڪينيڊا جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جواب ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته ڪينيڊا ڀارت سان پنهنجي قيمتي ناتن کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هرديپ سنگهه جي قتل کا?? پوءِ اسانکي واضح اشارا مليا آهن ته ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي آهي . هن چي?? ته اسان ڀارت کي اڪسائڻ يا ان سان ويڙهه نٿا چاهيون پنهنجي گواهي ۾ جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چي?? ته انٽيليجنس معلومات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مخالف سياسي جماعت ڪنزر ويٽيو پارٽي به غير ملڪي دخل اندازي جي ڪوششن ۾ شامل هئي يا شموليت جو انتهائي خطرو موجود هيو . ان کا?? اڳ ڪينيڊا جي پوليس الزام هنيو هو ته ڀارتي سفارتڪارن ڪرمنل نيٽ ورڪ سان گڏجي سکن کي نشانو بڻايو پر ڀارت ان جي ترديد ڪئي آهي.
ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري ۾ جارحاڻي مداخلت ڪئي: وزيراعظم ٽروڊو جو انڪوائري ڪميشن ۾ بيان
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل