بيجنگ – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو مستقبل آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبو بنيادي طور تي ڪجهه رستن ۽ پاور پراجيڪٽس جو منصوبو هو پر هاڻي ان کي وڌيڪ شعبن تائين توس??ع ڏني پئي وڃي ته جيئن گ??يل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي، زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ چين مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فروغ سان ترقي جا هدف حاصل ڪري ??گهون، پاڪستان دنيا جي انهن سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ان??لا??ي قدم کنيا ويا آهن. بيجنگ ۾ منعقد انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته چين جو هي منهنجو ٻيو دورو آهي، پهرين دوري ??ي موقعي تي مون ۽ منهنجي وفد محسوس ڪيو ته چين سان اسان جا رشتا تمام مضبوط آهن پر هن ڀيري ??نهن ۾ وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام آيو آهي.
پاڪستان دنيا جو مستقبل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا