اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي پر??يه?? کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي چيو آهي ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن ۽ هندو انتهاپسندن پاران مسلمانن جي خلاف تازي تشدد جي لهر ڀارت جو حقيقي فاشسٽ چه??و دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمير جو معاملو يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس، برطانيا، فرانس ۽ سوئيڊن سميت مختلف ملڪن جي پارليامينٽس ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي، دنيا تسليم ڪيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي، سڄي دنيا جون اهم اخبارون ۽ نيوز چينلز روزاني جي بنياد تي حيرت انگيز انڊيا ۾ اقليتن ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلم بي نقاب ڪري رهيون آهن. اي پي پي ويب ٽي وي کي خصوصي انٽرويو ۾ پاڪستان جي پر??يه?? کاتي جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير گذريل 220 ڏينهن کان مڪمل طور لاڪ ڊائون ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی