اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ مل?? ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ خاص طور تي اسڪول ڪرڪيٽ بابت پريزنٽيشن ڏني وئي. پريزنٽيشن سينٽرل پنج??ب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پنج??ب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي مل?? ۾ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزيراعظم 15 سيپٽمبر کان وچ پنجاب ۾ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسڪول ڪرڪيٽ مل?? ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پنجاب جي چ??ف سيڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پنجاب حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزيراعظ?? جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ۽ سينٽرل پنج??ب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او خرم نيازي شرڪت ڪئي.
اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری