اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نا??ي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو?? بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي س??ح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آه?? ته اسلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو?? بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نا??ي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري فواد حسين چيو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگه?? ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نا??ي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي س??ح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا