اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن)) جي حڪومتي دور جي 411 ملين روپيا في ڪلوميٽر جي مقابلي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ ۽ روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏني آ??ي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومتي دور جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪري چار لائين واري هاءِ وي جي لاڳت تي قومي خزاني کي مسلم ليگ ن جي حڪومتي دور جي مقابلي ۾ وڏي بچت ٿي آ??ي، ان کانسواءِ گذريل دور جي مقابلي ۾ ساڍا ٽن سال جي دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ??يڪ?? 81.78 ارب روپين کان وڌي 184.14 روپيا ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ 5.18 ارب روپين جي ماليت جي زمين قبضن کان آجي ڪئي وئي آ??ي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حاصل ٿي آ??ي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ چار لائين واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک روپيا في ڪلوميٽر ٿي وئي آ??ي جيڪا مسلم ليگ (ن) جي 2013ع ??ان 2018ع جي حڪومتي دور ۾ 41 ڪروڙ 10 لک روپيا في ڪلوميٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. هن ٻڌايو ته چار لائينن واري موٽر وي تي مسلم ليگ ن جي دور ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک روپيا هئي ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ٿي 38 ڪروڙ 50 لک روپيا ٿي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک روپيا في ڪلوميٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت ??هٽ??ي 5 ڪروڙ 30 لک روپيا رهجي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌيڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انهي عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي آ??ي ??يڪ?? 125 سيڪڙو اضافو آهي.
وزيراعظم پاران چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔