اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽ?? پروفيشنلز پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن، وفاقي حڪ??مت تمام سٺي آءِ ٽي پاليسي متعارف ڪرائي آهي، آءِ ٽي ڪ??پن??ون ۽ آءِ ٽي ان??سٽ??ي جا سربراهه ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سوليوشن ان ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ 8 هين پاڪستان سي آءِ او سمٽ ۽ ايڪسپو 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده وفاقي حڪ??مت پهرين ڏينهن کان ئي آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل، انٽيلي جنس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 لک سائبر سيڪيورٽ?? پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چيو ته مصنو??ي ذهانت هر انساني ڪوشش ۾ شامل هوندي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تمام وڏي ڊيٽا دستياب آه?? پر ان جو تجزيو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽئين صنعتي انقلاب دنيا جون حالتون تبديل ڪري ڇڏيون ۽ چوٿين صنعتي انقلاب ڊيجيٽل اڪانومي ۽ آءِ ٽي ان??سٽ??ي جي شڪل ۾ وڏي تبديلي آندي. هن چيو ته آءِ ٽي پاليسي ڪ??پن??ن کي انڪم ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ٻيون ڇوٽ واريون مراعتون ڏي ٿي. صدر چيو ته آئون پاڪستان جي مستقبل تي پڪو يقين رکان ٿو، عورتن وٽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، عورتون گهر کان ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي مدد ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪمائي سگهن ٿيون. هن چيو ته حڪ??مت روايتي ايڪسپورٽ کانسواءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي پڻ حوصلا افزائي ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڙپڪار ۽ ڪ??پن??ون آءِ ٽي جي انوينشنز ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر يونيورسٽين کي چيو ته اهي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پڙهائين. هن ان موقعي تي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.
پاڪستان جي نوجوانن لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے