اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي ??وانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس ج?? ٻن سي – 130 جهازن جي ??ريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر امدادي سامان يوڪرين جي ??فير مرڪيان چوچڪ جي ??والي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالها??ين??ي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ??ڪومت يوڪرين جي ??وام سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي ??فير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي ??وام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي ??ذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي لاءِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي ??ستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.
يوڪرين لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha