اسلا?? آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلا?? آباد جي جيل ڪا??پليڪس جي م??صو??ي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي ۽ م??صو??ي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، م??صو??ابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلا?? آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. وزيراعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ گهرندي اسلا?? آباد ماڊل جيل ڪا??پليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل م??صو??و هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلا?? آباد جيل جي تعمير فنڊ نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان م??صو??ي کي مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته اسلا?? آباد جي ڪا??پليڪس کي دنيا جي جديد جيلن تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. اسلا?? آباد جي پنهنجي جيل نه هجڻ سبب قيدين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيا??ا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلا?? آباد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ان جيل ۾ 2000 قيدين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪا??پليڪس جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به م??صو??ي جو حصو آهي.
وزيراعظم اسلام آباد جي جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس ورتو، جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی