اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي ۽ تازي ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير متاثرن جي بحالي ۽ امدادي عمل ۾ ام??اد جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تازي غير معمولي ٻوڏ واري صورتحا?? موسمي تبديلي جو نتيجو آهي، رڪارڊ برساتن وڏي پئماني تي تباهي پکيڙي آهي، حڪومت ??وا?? جي جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته عالمي برادري جي ڀرپور شرڪت سان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ گهڻا رخي اقتصادي لاڳاپا آهن، پاڪستان جي معيشت کي سخت فيصلن سان صحيح رخ تي گ??مزن ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری