اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻو?? متاثرن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪ??رر??اين ۾ سرگرم آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻو?? متاثر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جي قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻو?? متاثرن ۾ وڏي پيماني ??ي پکڙجندڙ پاڻيءَ سبب بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻو?? متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.
پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي عمل ۾ مصروف آهي: ترجمان
مضمون کا ماخذ : راکی