اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان سان گڏ ??زي??اعظم سان ملاقات ڪئي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تع??يت جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪارب?? جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. ??زي??اعظم پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي انساني امداد تي برطانيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ برطانيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي ??زي??اعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستا?? جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪ?? جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪستاني?? جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ واجد خان ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. برطانيا جي وفد ??زي??اعظم کي ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر جي ملاقات، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania