اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم قطر جي امير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ گڏيل قومن سان گڏيل ميزباني ۾ پاڪستان بابت موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سان ٿيندڙ نقصان سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جو تمام وڏو چئلينجز درپيش آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن کي ممڪن حد تائين استعمال ڪيو آهي، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ مسلسل عالمي حمايت ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم قطر جي امير کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب م??زباني تي مبا??ڪب??د ڏني جنهن راندين جي عالمي مقابلن جي لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪيو. وزيرا??ظم ۽ قطر جي امير گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي پڻ مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۾ ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات