اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي ترقي کي پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد تيز ڪيو وڃي، دالين ۽ ٻين جنسن جي پيداوار وڌائڻ جيل اءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي ڏنل تاريخي آبادگار پئڪيج تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وفاقي و??ير محمد اسحاق ڊار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي و??ير چوڌري طارق بشير چيما، وفاقي گهرووزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت واري وفاقي و??ير سيد مرتضيٰ محمود، اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، پيٽروليم واري مملڪتي و??ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد کي تيز ڪيو وڃي، زرعي شعبي جي ترقي پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضامن آهي. هن چيو ته اسان کي هر حال ۾ پاڪستان ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻو آهي، ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي لاءِ ڪڻڪ، ڪپهه، ڪنولا ۽ زيتون جي پوکيءَ ۽ پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ آبادگارن کي دالين سميت ٻين غذائي جنسن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد جي لاءِ نوجوانن جي لاءِ قرض اسڪيم، ننڍن آبادگارن جي لاءِ وياج تي ڇوٽ ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ننڍن آبادگارن کي بنا وياج جي زرعي قرض فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي بئنڪن کي هدايت جاري ڪري چڪي آهي. هلندڙ مالي سال ۾ نومبر تائين 664 ارب جا زرعي قرض آبادگارن ۾ ورها??ا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
زرعي ترقي پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضمانت آهي، آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات