اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتڪارن، سرنديءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جي حوالي سان ??جلاس ٿيو، جنهن ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم ??اڪ??تان ??ي سرنديءَ وارن ماڻهن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي وزيراعظم ترڪيه ۽ شام بابت زلزلي متاثرين فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تاني عوام زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي شيون اين ڊي ايم اي کي ڪليڪشن سينٽر تي جمع ڪرائي سگهي ٿي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تان ??رڪيه جهڙي پنهنجي پراڻي دوست سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي امدادي ڪاررواين کي منظم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪميٽي جا ميمبر هوندا. تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ ??اڪ??تان ??ا ترڪيه ۽ شام ۾ سفير ۽ خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس، امدادي سامان ??ي ترڪيه ۽ شام ترجيحي بنيادن تي پهچ کي يقيني بڻائي. ??اڪ??تان مان ??رڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويندو. اين ڊي ايم اي هنگامي بنيادن تي ??اڪ??تان ??ي هر ضلعي ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪليڪشن سينٽر ٺاهي. اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن کان ??مدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائي. يقيني بڻايو وڃي ته ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليل سامان معياري هجي، ??مبل، گرم ڪپڙا، ٻارن جي خوراڪ ۽ خيمن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ترڪيه 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ ??اڪ??تان ??ي هر قسم جي مدد ڪئي. محدود وسيلن جي باوجود ??اڪ??تان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي امداد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو. ??اڪ??تان ??مدادي سامان موڪلڻ جي لاءِ ايئر ڪوريڊور قائم ڪري ڇڏيو آهي. جلد ??اڪ??تان مان ??مدادي سامان ??ي ٽرڪن جو قافلو به ترڪيه ۽ شام روانو ٿيندو. ??اڪ??تان پاران 30 بسترن تي ٻڌل موبائيل اسپتال لاءِ ٽيم ۽ سامان ??ه ترڪيه پهچي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ٻي موبائيل اسپتال به عملي ۽ سامان ??ميت رواني ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جو آواز ??اڪ??تا?? تائين پهچائڻ جي لاءِ اطلاع??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سندس ٽيم ۽ ??اڪ??تاني ميڊيا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ??اڪ??تان ??يئر فورس، پي آءِ اي ۽ اين ڊي ايم اي جي ان ??پريشن ۾ ڀرپور شموليت به ساراهه جوڳي آهي. ??اڪ??تان ??ون ريسڪيو ٽيمون ۽ پاڪ فوج جون ٽيمون به ترڪيه ۾ بهترين طريقي سان ??مدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. سڄي ??اڪ??تاني قوم کي اپيل آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪن. اجلاس کي ترڪيه ۾ ??اڪ??تان ??ي سفير زلزلي سان ??باهي جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان ??ي امدادي ڪوششن ۾ بهتر ڪردار کي ساراهيندي کيس هدايت ڪئي ته هو ترڪ حڪومت ۽ ??اڪ??تاني ادارن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??اڪ??تان پاران نه رڳو امدادي سامان ۽ ريسڪيو ٽيمون هن وقت ترڪيه ۽ شام پهچي چڪيون آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هٿ ونڊرائي رهيون آهن. جڏهن ته پي آءِ اي مسلسل اڏامن ذريعي لاهور ۽ اسلام آباد کان ??رڪيه ۽ شام سامان ??ي پهچ يقيني بڻائي رهيو آهي. ٻئي طرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽرڪن جو قافلو ايران ??ريعي امدادي سامان کڻي ترڪيه ۽ شام روانو ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ ملڪ گير آگاهي مهم جاري آهي. وزيراعظم جي زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل فنڊ جي اڪائونٽ نمبر G-12166 ۾ امدادي رقم جمع ڪرائي سگهجي. جڏهن ته ٻئي امدادي سامان ??و عطيو اين ڊيم اي اي جي ڪنهن به ڪليڪشن سينٽر ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ان ??لسلي ۾ اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ 13 ڪليڪشن سينٽر ٺاهي چڪو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي ان ڪليڪشن سينٽر کي هر ضلعي ۾ توسيع ڏني پئي وڃي. گهربل امدادي سامان ۾ سرديءَ جي موسم جي لحاظ کان ??ينٽ، گرم ڪپڙا، ڪمبل، جوراب، ٻارن جي تيار خوراڪ وغيره شامل آهي. اجلاس کي ??اڪ??تان پاران موڪليل ريسڪيو ٽيمن، امدادي سامان ۽ 30 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي موجوده ڪارڪردگي کان ??ه آگاهه ڪيو آهي. زخمين جي علاج جي لاءِ ??اڪ??تان پاران وڌيڪ هڪ هڪ موبائيل اسپتال ترڪيه ۽ شام رواني ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ترڪيه م ??اڪ??تان ??ي سفير کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران صنعتڪارن، سرنديءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج