اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي شاندار ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انساني حقن ۽ ماحولي??تي تبديلين جي حوالي سان سرگرم ڪارڪن عائشه صديقه جهڙيُون نوجوان پاڪستاني ڇوڪريون ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ ام??د جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عائشه صديقه پنهنجي صل??حيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي جدوجهد جي ذريعي معاشري ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عورتون ام??د جو ڪرڻو ۽ روشن مستقبل جي نويد آهن. واضح رهي ته 24 سالا عائشه صديقه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزين کيس ”هلندڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر