اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان توانائي جي بني??دي ??ان??ي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي وسيلن جي بيورو جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جيفري پياٽ وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ آمريڪي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وز??راعظم پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته ??اڪستان توانائي جي بني??دي ??ان??ي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. اسسٽنٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائي جي پاليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وز??راعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ جاري ڳالهين ۽ تعاون جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتص??دي ترقي، توانائي جي حفاظت، ٻوڏ کان بحالي جي ڊگهي مدي واري ڪوششن ۾ حصيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي جي ترجيحن، قابل تجديد توانائي جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتص??دي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي، وز??راعظم کي ٻڌايو ته ??وءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ميٽنگس جي لاءِ هڪ وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا بابت پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل هئا. سينيئر آمريڪي سفارتڪارن بائيڊن انتظاميا جي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، اقتص??دي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وز??ر شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، پاور وارو وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير، وز??راعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ، وز??راعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خان ۽ سيد فهد حسين پڻ موجود هئا.
پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ