لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سا?? واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندانن سا?? همدردي جو اظهار ڪندي چي?? ته دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو آهي. وزيراعظم چي?? ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چي?? ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم جيو جي ڪيمرامين سم??ع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمين سا?? همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت، مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات