اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، قومي فضائي ڪمپني جي نجڪاري پڻ ??جڪاري جي فهرست ۾ شامل آهي. ??ين??ٽ ۾ پي آءِ اي جي صورتحال بابت ??ين??ٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آهي، پي آءِ اي ۾ ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو معاملو پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت سان لاڳاپيل نه آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فهرست ۾ موجود آهي. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آهي، اهو بنا پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي ??شڪ?? سان فنڊز جو انتظام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اهو معام??و ايندڙ اجلاس ۾ هوابازي واري نگران وفاقي وزير ۽ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.
پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی