پيرس -19 مارچ (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ۽ يونيسڪو جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي 219هين اجلاس ۾ پاڪستان جو ??قطئه نظر پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ??نظ??م جي اسٽريٽجڪ سميت سندس مقصدن مطابق ۽ گهربل فريم ورڪس موجود هئڻ گهرجي ته جيئن هو مالياتي ضابطن جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري سگهي. هن جٽاد??ر ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ ۾ وڏي وڇوٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ بجيٽ جي موثر نگراني، ڪنٽرول ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته تعليم پاڪستان لاءِ اولين ترجيح آهي. هن ڊجيٽل مهارتن ۽ وسيلن تائين رسائي کي بهتر بڻائي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ يونيسڪو جي سهڪار کي ساراهيو جيڪو صنفي برابري ۽ ڊجيٽل شموليت لاءِ گڏيل ويزن جي عڪاسي آهي. هن چيو ته يونيسڪو سهڪار کي وڌائي ۽ سرحدن کان ٻاهر ثقافتي شين ۽ خدمتن جي رسائي کي يقيني بڻائي ماڻهن لاءِ پنهنجو ۽ ٻين جي ثقافتي اظه??ر تائين رسائي جون حالتون پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن آفريڪا سان ڳنڍيل ترجيحن، صنفي برابري ۽ سمال آئي لينڊ ڊويلپنگ اسٽيٽس (ايس آءِ ڊي ايس) بابت آپريشنل حڪمت عملي جي حمايت جو ??رجاءُ پڻ ڪيو. هن عالمي فورمز تي يونيسڪو جي ترجيحن جي موثر نمائندگي لاءِ بهتر داخلي هم آهنگي ۽ بهتر اسٽريٽجڪ نقطئه نظر جي اهميت تي به زور ڀريو. پاڪستان جي سفير فلسطيني عوام جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 7 ڏهاڪن کان جاري ناانصافي، ڏاڍ، رياستي دهشتگردي ۽ غيرقانوني قبضا ان مسئلي جو اصل سبب آهن. هن چيو ته يونيسڪو جنهن طريقي غزه جي صورتحال تي هن وقت تائين رد عمل ظاهر ڪيو آهي ان جي ب??يا?? تي بي حسي، تعصب ۽ ٻٽي معيار ان جي ساک تي سنگين شڪ شبها پيدا ڪيا آهن جيڪي اهڙين حالتن ۾ سندس قدمن جي قانوني حيثيت کي پڻ متاثر ڪري سگهي ٿو.
يونيسڪو جي اسٽريٽجڪ سميت سندس مقصدن مطابق ۽ گهربل فريم ورڪس موجود هئڻ گهرجن ته جيئن هو مالياتي ضابطن بابت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري سگهي: پاڪستاني نمائندو عاصم افتخار
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن