اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات ٿيندڙ بحث جي نتيجي، اتفاق راءِ تائين نه پهچڻ ۽ فلسطي?? جي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ب??يفنگ ۾ چيو ته اسان کي فلسطين کي گڏيل قوم?? جي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ واري قرارداد جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي تي اف??وس آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي گڏيل قومن ۾ شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو 75 سالن کان فسلطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصافي کي صحيح ڪرڻ طرف هڪ قدم هوندو ۽ اهو انه?? جي خودمختياري جي حق جي تصديق ڪندو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام کي 4 جون 1967ع جي سرحد?? جي اندر هڪ آزاد ۽ خودمختيار ۽ متصل فسلطيني رياست ۾ رهڻ جو موروثي حق حاصل آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الش??يف هجي.
پاڪستان پاران فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔