اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اتي قابض ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي برادري ڀارت تي انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. ملاقات ۾ آزاد ڪ??مي?? جي مجموعي صورتحال، ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته آزاد ڪ??مي?? ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن، سياحن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ آزاد ڪ??مي?? جي سياحت جي شعبي کي ڀرپور صلاحيت تائين ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آزاد ڪ??مي?? ۾ سياحت سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آزاد ڪ??مي?? جي معيشت جي مخ??لف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. آصف علي زرداري چيو ته آزاد ڪ??مي?? جي نوجوانن کي جديد ترين هنر ۽ تعليم سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنرمند نوجوان آزاد ڪ??مي?? جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? حڪومت جي مدد ڪري سگهي ٿو. صدر آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم ۽ سندس حڪومت کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو. آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم ان موقعي تي صدر کي آزاد ڪ??مي?? جو دورو ڪرڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دع??ت ڏني. صدر آزاد ڪ??مي?? جي مخ??لف علائقن ۾ تازين برساتن سان لاڳاپيل واقعن دوران قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آزاد ڪ??مي?? جي حڪومت متاثر خاندانن جي مدد ڪندي.
صدر پاران ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری