اسلام آب??د – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آب??د، لاهور ۽ ڪراچي کانپوءِ پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي درخواست ڏيندڙن ??ي سهولت لاءِ 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن کان ڪوريئر ڪمپنين ذريعي اپاسٽيل سروس فراهم ڪري رهي آهي. پڌر??ئي مطابق ان سل??لي ۾ پشاور ۾ پرڏيهي وزارت جي لائز ان آفيس 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن ڪوريئر ڪمپنين ذريعي دستاويز وصول ڪندي. پڌر??ئي ۾ چيو ويو آهي ته ان قدم جي هڪ حصي جي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواست ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪنديون، جن??ن بعد پرڏيهي وزارت طرفان تصديق ڪئي ويندي. پشاور ۾ پوسٽل تصديق لاءِ دستاويز جمع ڪرڻ جي مجاز ڪوريئر ڪمپنين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، گيريز، ليپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڪوريئر ڪمپينون پاور آف اٽرني کانسواءِ سمورا دستاويز قبول ڪرڻ جون مجاز آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون