لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته ا??لي??ن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين، پاڪستان جي اقليتن تي اسان کي فخر آهي، پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقلي??ن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقلي??ن جو ڪردار هميشه هاڪاري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ اقلي??ن جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ا??لي??ن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت هر فورم تي آواز اٿاريندي. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جي واضح هدايت آهي ته اسان اقلي??ن جي حقن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اقلي??ن جي حقن لاءِ هر جاءِ تي آواز اٿارينداسين، حڪومت توهان جي حقن جي تحفظ جي ضامن آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهبا?? شريف مون کي لاهور مان ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ منهنجو ان تڪ سان تعلق آهي، جتي 70 هزار عيسائي ووٽرز جو مان نمائندو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تڪ مان جيتري محبت ان ڪميونٽي مان ملي آهي، ڪنهن ٻئي مان نه. هن چيو ته اسيمبلي ۾ به جڏهن ڪو واقعو هجي يا ڪميونٽي ٿورو خوف محسوس ڪري ته اسان اتي به ا??هن جو حوصلو وڌائيندا آهيون ۽ انهن جو آواز اٿاريندا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پنجاب جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم طور هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هميشه رواداري جو پيغام ڏنو آهي. سمورين اقليتن ۽ آرمڊ فورسز جي آفيسرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي دعوت تي هتي آيا. اسان کي توهان تي فخر آهي، پاڪستان زنده باد، پاڪستان جون اقليتون ??ائيندا باد. وفاقي وزير تقريب ۾ هڪ سک شاعر جو شعر به پڙهيو.
اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين: وفاقي وزير عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا